دبئي کان ڪراچي آيل مسافر وٽان 49 تولا سون هٿ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ايئرپورٽ تان دبئي کان آيل مسافر وٽان 49 تولا سونا زيور هٿ ڪيا ويا.
پاڪستان ڪسٽمز ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪارروائي ڪندي دبئي کان سون جا زيور پاڪستان اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي.
ايڊيشنل ڪليڪٽر ڪسٽم محمد فيصل موجب دبئي کان آيل مسافر وٽان 1 ڪروڙ 15 لک رپين جا تيار ٿيل سون جا زيور هٿ ڪيا ويا.
ايڊيشنل ڪليڪٽر ڪسٽم موجب نظام الدين براهوي نالي مسافر جهاز اي ڪي 606 ذريعي 49 تولا سون جا زيور کڻي ڪراچي پهتو جنهن گرين چينل ذريعي نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
ڪسٽم عملدارن مسافر جي سامان جي شڪ پوڻ تي اسڪين ڪئي، جنهن ۾ سون جي زيورن جي موجودگي جو انڪشاف ٿيو.
اختيارين مسافر خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.