لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) لاڙڪاڻي ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن باڊهه واسي نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.
دڙي ٿاڻي جي حد اسٽيشن روڊ تي موٽرسائيڪل سوارن ھٿياربند نوجوان کي گوليون فرار ٿي ويا.
اطلاع تي پوليس پهچي نوجوان کي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي.
دڙي ٿاڻي جي پوليس موجب موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن باڊهه واسي نوجوان زوهيب پنهور کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا.
پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان زوهيب پنهور کي ذاتي دشمني تان قتل ڪيو ويو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
You might also like