راڻيپور جي پيراڻي حويلي مان گم ٿيل ناريءَ کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم

سکر (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ راڻيپور جي پيراڻي حويلي مان مبينا طور گم ٿي ويل قمبر واسڻ ناري ثناءَ گراماڻي کي بازياب ڪرائي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي جج جسٽس ذوالفقار علي سانگي ناري ثناءَ گراماڻي جي بازيابي لاءِ داخل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران ايس ايس پي خيرپور سميع الله سومرو، ناري جو پيءُ ديدار گراماڻي ۽ پوليس آفيسر پيش ٿيا.
وڪيل رياض احمد سومرو موقف اختيار ڪيو ته پيرن جي حويلي مان ناري ثناءَ گراماڻي کي گم ٿئي 2 سال کان وڌيڪ جو عرصو گذري ويو آهي، جنهن جو سهيل شاهه، عمران شاهه، رياض مشوري، امجد مشوري ۽ ٻين جوابدارن خلاف ڪيس داخل ٿيل آهي.
وڪيل چيو ته ڪيس داخل هجڻ باوجود خيرپور پوليس ناري ثناء گراماڻي جو پتو نه لڳائي سگهي آهي.
عدالت، ايس ايس پي سميع الله سومرو کان پڇاڻو ڪيو ته ناري ثناء گراماڻي ڪٿي آهي؟، جنهن تي هن چيو ته ناري جي بازيابي لاءِ وڌيڪ مهلت ڏني وڃي.
جسٽس ذوالفقار علي سانگي ريماڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ايندڙ حاضري تي ناري بازياب ڪرائي پيش نه ڪئي وئي ته ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي ضمانت رد ڪري جيل موڪليو ويندو.
عدالت، ايس ايس پي خيرپور کي پيرن جي حويلي مان لاپتا ٿي ويل ناري ثناء گراماڻي کي 26 مارچ تي بازياب ڪرائي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.