سائنسدانن جو وڏو ڪارنامو، هوا مان پرس تيار

سائنسدانن وڏو ڪارنامو انجام ڏيندي هوا مان پرس تيار ڪري ورتو.
ان انوکي پرس کي پيرس فيشن ويڪ جي موقعي تي پيش ڪيو ويو، فرانس سان واسطو رکندڙ ڪمپني Coperni آمريڪي خلائي اداري ناسا جي ڀائيواري سان ايئر سوائپ بيگ نالي پرس تيار ڪيو.
پرس جو 99 سيڪڙو حصو هوا، جڏهن ته هڪ سيڪڙو گلاس تي ٻڌل آهي ۽ ان شفاف بيگ جو وزن رڳو 33 گرام آهي.
ڪمپني ٻڌايو ته ڪڪڙ جهڙو اهو پرس سيليڪا ايروجيل نالي نانو مٽيريل سان تيار ڪيل سڀ کان وڏي شئي آهي.
اهو مٽيريل زمين کان هلڪو ترين ٺوس مٽيريل آهي ۽ ناسا طرفان اڪثر ان کي ستارن جي ڀرپاسي جمع ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي.
ڪمپني جي شريڪ باني Sebastien Meyer چيو ته اهو سائنسي هجڻ سان گڏ شاعراڻو بيگ آهي.
ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو Arnaud Vaillant ان کي ڪنهن ڪڪر جهڙو جادوئي قرار ڏنو.
ڪمپني جي دعويٰ آهي ته اهو پرس 1200 ڊگري سينٽي گريڊ ۽ پاڻ کان 4 هزار ڀيرا وڌيڪ دٻاءُ برداشت ڪري سگهي ٿو.
فيشن شو دوران جڏهن ماڻهن طرفان پڇيو ويو ته ڇا هوا سان ٺهيل ان پرس اندر ڪجهه رکي سگهجي ٿو ته ڪمپني چيو ان ۾ سمارٽ فون رکي سگهجي ٿي.
پر ان کي وڪري لاءِ پيش ڪيو ويندو يا نه، ان حوالي سان ڪمپني طرفان ڪجهه ناهي ٻڌايو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.