ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ فيس بڪ ۽ انسٽاگرام جي واهپيدارن جا اڪائونٽ اوچتو لاگ آئوٽ ٿي ويا آهن ۽ کين لاگ ان ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿي رهي آهي.
اڻڄاتل سببن جي ڪري فيس بڪ تائين رسائي بند ٿي وئي آهي.
اهو واضح ناهي ته ڪو ٽيڪنيڪل مسئلو آهي يا ميٽا ڪمپني طرفان ڪو ايرر آيو آهي جڏهن ته حڪومت طرفان يا پي ٽي اي طرفان ڪو بيان ناهي آيو.
سڄي دنيا ۾ فيس بڪ جي واهپيدارن کي سيشن ايڪسپائر ٿيڻ جا نوٽيس مليا آهن جنهن بعد سندن اڪائونٽ لاگ آئوٽ ٿي ويا.
هن وقت ڪنهن به واهپيدار جو اڪائونٽ سائن ان ناهي ٿي رهيو.
پاڪستان ۾ فيس بڪ اڪائونٽ سوا اٺين وڳي کان لاگ آئوٽ ٿيڻ شروع ٿي ويا، واهپيدارن سمجهيو ته سندن اڪائونٽ هيڪ ٿي ويا آهن پر ڪجهه دير کانپوءِ مقبول ويب سائيٽ ڊائون ڊيٽيڪٽر تي شڪايتون اچڻ شروع ٿي ويون.
انهن شڪايتن ۾ ڪيناڊا، برطانيا ۽ آسٽريليا جا ماڻهو به شامل هئا.
شڪايتون اچڻ کانپوءِ سڀني سک جو ساهه کنيو ته سندن اڪائونٽ هيڪ ناهي ٿيو پر شايد هي ڪو ٽيڪنيڪل مسئلو آهي.