طلاق تي دنيا ختم نٿي ٿي وڃي: اداڪارا نوين وقار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ماڊل ۽ اداڪارا نوين وقار چيو آهي ته طلاق خوشي جي ڳالهه نه آهي پر اهو به ياد رکڻ گھرجي ته ان تي دنيا ختم نٿي ٿئي.
نوين وقار هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي جتي هن ڪيريئر سميت مختلف معاملن تي کُلي ڪري ڳالهايو.
طلاق جي معاملي تي ڳالهائيندي اداڪارا چيو ته والدين کي اهو سوچڻ گھرجي ته سندن نياڻي جي زندگي طلاق کان وڌيڪ اهم آهي.
هن چيو ته والدين پنهنجن ٻارن کي سمجهائين ته جيڪڏهن ڪٿي هنن کي عزت نه ملي، کين تشدد برداشت ڪرڻو پيو ته هو ان رشتي کي ختم ڪرڻ جي همت ڪن.
سندس چوڻ هو ته عورتن کي به اها ڳالهه سمجهڻي پوندو ته جيڪڏهن طلاق کان پوءِ والدين به هنن کي گھر ۾ رکڻ لاءِ تيار نه آهن ته کين پنهنجا رستا پاڻ بڻائڻا پوندا، طلاق خوشي جي ڳالهه نه آهي پر اهو به ياد رکڻ گھرجي ته ان تي دنيا ختم نٿي ٿئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.