ڪراچي (ويب ڊيسڪ) فيس بڪ جون سروسز بند ٿيڻ تي فيس بڪ انتظاميا جو موقف سامهون اچي ويو آهي.
فيس بڪ انتظاميا جو چوڻ آهي ته سائيٽ ۾ ٽيڪنيڪل خرابي سبب فيس بڪ ڊائون ٿي ويو آهي.
انتظاميا جو چوڻ آهي ته واهپيدار پريشان نه ٿين، مسئلي کي حل ڪيو پيو وڃي، جلد مسئلو حل ٿي ويندو.