ڪنڌڪوٽ (ويب ڊيسڪ) ڪنڌڪوٽ پوليس هفتو اڳ اغوا ٿي ويل بگٽي برداري جي چئن مغوين کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
پوليس موجب مغوي برڪت، محمد جان، سونهاري ۽ برام بگٽي کي دراني مهر جي ڪچي مان بازياب ڪرايو ويو.
ايس ايس پي بشير احمد بروهي ٻڌايو ته ڌاڙيل چئني مغوين کي هڪ کان ٻئي هنڌ منتقل ڪري رهيا هئا ته پوليس پهچي وئي.
بشير بروهي چيو ته ڪارروائي دوران ڌاڙيلن ۽ پوليس وچ ۾ مقابلو ٿيو جنهن دوران هٿياربند مغوين کي ڇڏي فرار ٿي ويا.
سندس چوڻ هو ته ڪچي ۾ آپريشن هلندڙ آهي جلد ٻين مغوين کي به بازياب ڪرائي ڏوهارين جو خاتمو ڪيو ويندو.
Prev Post
You might also like