ننڊ ڦٽڻ بعد ٻيهر سمهڻ لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڪثر ماڻهو اڌ رات جو اک کلڻ تي پريشان ٿي پوندا آهن ۽ ٻيهر سمهڻ جي ڪوشش ۾ سڄو وقت نڪري ويندو آهي جنهن تي پريشاني ٿيندي آهي.

جيڪڏهن اوهان به سڄو ڏينهن ڪم ڪريو ٿا ۽ اڌ رات ۾ اوهان جي اک کلي ويندي آهي ته اوهان ٻيهر ننڊ ڪرڻ لاءِ ڪجهه اپاءَ وٺي سگهو ٿا.

ننڊ ڪندي وقت اک کلڻ تي جيڪڏهن اوهان کي 20 منٽن يا ان جي اندر ننڊ نه اچي ته اوهان ٻئي ڪمري ۾ وڃو.

خاموش ۽ پرسڪون گانا ٻڌي وٺو يا ڪنهن پڙهيل شئي کي ٻيهر پڙهو.

جيڪڏهن ان کانپوءِ ننڊ اچڻ لڳي ته بستر تي وڃي سمهي پئو.

اکيون کلڻ بعد ننڊ نه اچڻ تي جيڪڏهن اوهان گهڙي گهڙي ٽائم ڏسندا ته اهو اوهان جي اسٽريس ۾ واڌ ڪندو.

وڌيڪ روشني اوهان جو ڌيان حاصل ڪندي آهي جنهن سان اوهان کي ننڊ ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي آهي، ان لاءِ ڪمري ۾ ننڊ ڪندي وقت هلڪي روشني رکو.

پنهنجو پاڻ کي پرسڪون رکڻ لاءِ ڊگها ساهه کڻو، اهو مراقبي جو هڪ قسم آهي جيڪو اوهان کي پرسڪون ڪري ٿو ۽ اسٽريس کان پري رکڻ ۾ مدد ڪري ٿو.

ڏينهن جي وقت پنهنجي ننڊ جي پيٽرن ۽ ٻين عادتن جورڪارڊ رکو.

مثال طور اوهان لکو ته رات دوران ڪيترا ڀيرا جاڳندا اهيو، اوهان جي نند ۾ ڪنهن شئي خلل وڌو ۽ اوهان ڏينهن دوران ڪيتري چانهه پيتي آهي.

ان سان اوهان کي پنهنجي ننڊ جو وقت ڄاڻ ۾ مدد ملندي.

پنهنجي ڊاڪٽر کي ٻڌايو ته اوهان کي ننڊ ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿي رهي آهي، دوائن کي معمول جو حصو بڻائڻ کان بهتر آهي ته ڪنهن قسم جي ٿراپي کي پنهنجي روٽين ۾ شامل ڪريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.