اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ اڳوڻي فوجي آمر جنرل رٽائرڊ پرويز مشرف خلاف سنگين غداري ڪيس جو ٽرائل ڪالعدم قرار ڏيڻ جي ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جي تفصيلي فيصلي ۾ لکيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو آئين ۽ قانون سان گڏ سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي به خلاف آهي، خاص عدالت جي فيصلن خلاف اپيلون سپريم ڪورٽ ئي ٻڌي سگهي ٿي، لاهور هاءِ ڪورٽ جو خاص عدالت جوڙڻ جو ڪيس ٻڌڻ جو اختيار نه هو.
سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ ريمارڪس ڏنا ته خاص عدالت اسلام آباد ۾ هئي، ان جي ڪري به لاهور هاءِ ڪورٽ ڪيس ٻڌڻ جي مجاز نه هئي، خاص عدالت جي فيصلي خلاف اپيل جو حق مجاز فورم تي موجود هو، لاڳاپيل فورم کي ڇڏي لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو نه ڪجي ها.
فصيلي ۾ وڌيڪ ريمارڪس ڏنا ويا ته هاءِ ڪورٽ جو اهو چوڻ درست ناهي ته خاص عدالت وفاقي حڪومت نه جوڙي هئي، خاص عدالت لاءِ وفاقي ڪابينا کان منظوري پوءِ ورتي وئي هئي.
عدالت عظميٰ پنهنجي فيصلي ۾ وڌيڪ لکيو ته مصطفيٰ ايمپيڪس ڪيس جو سپريم ڪورٽ جو فيصلو خاص عدالت جڙڻ کانپوءِ آيو هو، لاهور هاءِ ڪورٽ پرويز مشرف کي بري ڪري اهو رليف ڏنو، جيڪو گهريو ئي نه ويو هو.
You might also like