محمود الله ۽ ذاڪر علي جي محنت لڙهي وئي، سريلنڪا جي پهرين ٽي ٽوئنٽي ۾ بنگلاديش کي شڪست

سهلٽ ( ويب ڊيسڪ ) سريلنڪا سخت مقابلي کانپوءِ پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ بنگلاديش کي 3 رنسن تان هارائي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 1-0 سرسي حاصل ڪري ورتي.
سهلٽ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ بنگلاديش ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو، سريلنڪا پهريان کيڏندي مقرر 20 اوورن ۾ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 206 رنسون ٺاهيون.سديرا سمارا وڪرما 61 ۽ ڪوشل مينڊس 59 رنسون ٺاهي اڳڀرا رهيا، جڏهن ته چيرات اسالانڪا 44 رنسن جي ناقابِل شڪست اننگز کيڏي.
بنگلاديش جي شيرول السلام، تسڪين احمد ۽ راشد حسين هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
سريلنڪا جي 207 رنسن جي جواب بنگلاديشي ٽيم مقرر اوورن ۾ 203 رنسون ٺاهي سگهي ۽ ٽن رنسن تان ميچ هارائي وئي. ذاڪر علي 68 ۽ محمود الله 54 رنسون ٺاهيون.
سريلنڪا طرفان انجيلو ميٿيوز، بِنورا فرنينڊو ۽ داشن شاناڪا ٻه، ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون جڏهن ته مٿيشا پِٿيرانا ۽ مهيش ٿيڪشنا جي حصي ۾ هڪ، هڪ وڪيٽ آئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.