وزيراعظم جي هدايت تي ايف بي آر ايڪسپورٽرز کي 65 ارب رپين جا ريفنڊز جاري ڪري ڇڏيا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ايڪسپورٽرز کي 65 ارب رپين جا ريفنڊز جاري ڪري ڇڏيا.
ايف بي آر جي پڌرائيءَ موجب ايف بي آر 23 مارچ 2024 تائين سمورا ريفنڊز جاري ڪري ڇڏيا.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته نئين چونڊيل وزيراعظم جي هدايت کانپوءِ ريفنڊز جاري ڪيا ويا، گذريل ڏينهن نئين چونڊيل وزيراعظم شهباز شريف قومي اسيمبلي ۾ خطاب دوران ريفنڊز جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي.
ايف بي آر جي پڌرائيءَ موجب ريفنڊز جاري ڪرڻ سان ناڻي مٽاسٽا ذخيرن ۾ واڌ ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.