دنيا جي مهانگي ڀارتي شادي ۾ پاڪستاني ڊيزائنرز جا وارا نيارا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي بزنس ٽائيڪون مڪيش امباني جي پٽ اننت امباني ۽ صنعتڪار ويرين مرچنٽ جي ڌيءُ راڌيڪا مرچنٽ جي ڄام نگر ۾ ٿيل شادي کان اڳ وارين تقريبن دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو آهي.

ڀارتي ارب پتي ڪٽنب کي اجايو دولت لٽائڻ لاءِ سڃاتو ويندو آهي، هن ڀيري به هنن شاهاڻين تقريبن ذريعي ماڻهن کي حيران ڪيو آهي ڇو ته تقريبن ۾ دنيا جون ٽاپ شخصيتون شريڪ ٿيون.

جيٽ جهازن ۽ پروٽوڪول بسن کان ويندي ٿيم تي ٻڌل ٽن راتين جي جشن امباني فيملي کانسواءِ بالي ووڊ سيليبرٽيز جي فيشن ۽ گليمر سان گڏوگڏ عالمي ثقافت کي به اجاڳر ڪيو ويو.

حيراني جي ڳالهه آهي ته هن عالمي ميلي ۾ پاڪستاني فيشن ڊيزائنرز جا به وارا نيارا ٿي ويا.

پاڪستاني فيشن ديزائنر فراز منان جو لباس رنبير ڪپور پهريو.

اهڙي ريت پاروپلي ڪشيپ به اهڙي قسم جو لباس پهريو.

شاهد ڪپور جي زال ميرا راجپوت به فراز منان جي لباس جي چونڊ ڪئي.

سونم ڪپور به پاڪستاني ڊيزائنر ڪلب جي لباس ۾ نظر آئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.