صدارتي چونڊ: آءِ پي پي جو آصف زرداري کي ووٽ ڏيڻ جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ) استحڪام پاڪستان پارٽي صدر جي چونڊ ۾ حڪمران اتحاد جي نامزد اميدوار آصف زرداري کي ووٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
عبدالعليم خان موجب ملڪ جن چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي، انهن کي ڪو هڪ شخص يا پارٽي اڪيلي سر منهن نٿي ڏئي سگهي.
هن چيو ته آصف زرداري جي صدر بڻجڻ سان ملڪ ۾ مفاهمتي پاليسي کي هٿي ملندي.
واضح رهي ته صدارتي چونڊ 9 مارچ تي ٿيندي، جنهن لاءِ قومي اسيمبلي اسپيڪر اياز صادق اجلاس طلب ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.