محمود خان اچڪزئي کي نواز شريف طرفان ووٽ ملڻ جي اميد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدارتي اميدوار محمود خان اچڪزئي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف طرفان ووٽ ملڻ جي اميد ظاهر ڪري ڇڏي.
صحافي محمود خان اچڪزئي کان سوال ڪيو ته ڇا توهان کي ماضي جو دوست نواز شريف ووٽ ڏئي رهيو آهي؟
ان تي سني اتحاد ڪائونسل جي اميدوار جواب ڏنو ته نواز شريف جو ووٽ مون لاءِ هجڻ گهرجي.
صحافي سوال ڪيو ته مولانا فضل الرحمان توهان کي ووٽ ڏيڻ چاهي ٿو پر پارٽي جي ڪري هو نه ڏيندو؟ جنهن تي محمود خان اچڪزئي چيو ته اهو فضل الرحمان کان پڇو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.