خيبر پختونخواهه جو وڏو وزير، وزيراعظم جي حلف برداري تقريب ۾ شريڪ نه ٿيو

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور وزيراعظم شهباز شريف جي حلف برداري تقريب ۾ شريڪ نه ٿيو.
وزيراعظم شهباز شريف اڄ پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو، صدر عارف علوي کانئس حلف ورتو، تقريب ۾ سياسي قيادت سان گڏ هٿياربند فوجن جا سربراهه به شريڪ ٿيا.
پر خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور حلف برداري تقريب ۾ شرڪت نه ڪئي.
صحافين سان ڳالهائيندي علي امين گنڊاپور چيو ته شهباز شريف فارم 45 وارو وزيراعظم ناهي، واضح ناهي ته هو عوامي مينڊيٽ سان آيو، تنهن ڪري مان حلف برداري تقريب ۾ وڃڻ بهتر نه سمجهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.