سعود شڪيل به ڪپتاني جو خواهشمند!

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ڪوئيٽا گليڊيئٽرز جي نائب ڪپتان سعود شڪيل چيو ته ائين نٿو چاهيان ته ڪپتان ٿيان پر موقعو مليو ته ضرور قبول ڪندس.
خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ڪوئيٽا گليڊيئٽرز جي نائب ڪپتان سعود شڪيل چيو ته ڪوئيٽا لاءِ سٺي شروعات ٿي آهي، ميگا ايونٽ کان ٻه ڏينهن اڳ اوپننگ جو ٻڌايو ويو، انفرادي ڪارڪردگي سٺي رهي آهي.
هن چيو ته فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ ون ڊائون پوزيشن تي کيڏندو رهيو آهيان، پاڪستان لاءِ پنجين نمبر لاءِ کيڏندو آهيان، پهريان سوچيندو هئس ته ون ڊائون پوزيشن تي کيڏڻو آهي، هاڻي جتي موقعو ملندو آهي چئلينج سمجهي کيڏندو آهيان.
سندس چوڻ هو ته گرائونڊ تي شاٽس کيڏڻ پسند آهي پر پنهنجي راند ٽي ٽوئنٽي جي حساب سان تبديل ڪئي آهي، پاڪستان ۽ ڀارت ۾ پچن جو گهڻو فرق ناهي، ڀارت جا ميدان پاڪستان کان ننڍا آهن، پاڪستان جي ڀيٽ ۾ ڀارت ۾ بال وڌيڪ اسپن ٿيندو آهي.
ڪپتاني بابت سوال تي سعود شڪيل چيو ته ڪپتان بڻجڻ فخر جوڳي ڳالهه هوندي آهي، ائين نٿو چاهيان ڪپتان ٿيان پر موقعو مليو ته ضرور قبول ڪندس، سکڻ جو موقعو ملندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.