پير جو ڳوٺ: هٿياربندن هٿان نوجوان قتل

پير جو ڳوٺ (ويب ڊيسڪ) پير جو ڳوٺ ويجهو هٿياربندن هٿان نوجوان قتل ٿي ويو .

وڏا مهيسر ٿاڻي جي ڀر ۾ نامعلوم ھٿياربندن گهر ۾ گهڙي 20 سالن جي نوجوان عامر لاکو کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.

فائرنگ جي آواز تي پوليس پهچي نوجوان جو لاش کڻائي پيرجوڳوٺ اسپتال منتقل ڪيو.

ان سلسلي ۾ گهر ڌڻي غلام محمد لاکو سخت احتجاج ڪندي ٻڌايو ته ٿاڻي ڀرسان گهر آهي نامعلوم هٿياربندن گهر ۾ گهڙي انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري نوجوان پٽ کي بيگناھ قتل ڪيو آهي.

هن چيو ته ڪنهن سان به دشمني ناهي، وڏو ظلم ٿيو آهي

واقعي بعد نوجوان جي گهر ۾ ڪھرام متل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.