ڪنڌڪوٽ واسي پيءُ پٽ سميت 3 ڄڻا اغوا

ڪنڌڪوٽ (ويب ڊيسڪ) ڪنڌڪوٽ ڀرسان هٿياربند پيءُ پٽ سميت ٽن ڄڻن کي اغوا ڪري ويا.

ڳوٺ مغل خان سهرياڻي جي رهواسي پيءُ پٽ سميت 3 ڄڻن کي هٿياربند اغوا ڪري ويا.

هٿياربند سهرياڻي برادري جي علي بهار، ذيشان ۽ شمن کي اغوا ڪيو.

مغوين جي وارثن جو چوڻ آهي ته ٽئي ڄڻا شھر کان گوٺ طرف اچي رھيا ھئا ته ھٿياربند کين اغوا ڪري ويا آهن پوليس کي اطلاع ڏنو آهي پر هيل تائين ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي.

پوليس موجب، مغوين جي بازيابي لاءِ پاران ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، جلد کين بازياب ڪرايو ويندو.

ٻئي پاسي اغوا ٿي ويل پيءُ پٽ سميت ٽن مغوين جي بازيابي لاءِ سھرياڻي برادري جي ماڻھن انڊس ھاءِ وي وٽ ٽائر ساڙي ڌرڻو هنيو.

هنن چتاءُ ڏنو ته جيستائين مغوين کي بازياب نه ڪرايو ويندو، تيستائين سندن ڌرڻو جاري رهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.