ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ هٿياربندن ڦر دوران مزاحمت تي ٽنڊو مير علي واسي نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو
گلشن حديد ۾ هٿياربندن ڦر دوران مزاحمت تي فائرنگ ڪري ڏني، علي حسن جوڳي کي ٽَي گوليون لڳيون.
علي حسن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي علاج دوران زخمن جِي سٽ نه سهندي دم ڏنو.
پوليس مقتول جو لاش ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو، جيڪو ملڪ چودڳي پهچڻ تي گهر ۾ روڄ راڙو مچي ويو.