ملتان سلطانز کي وڏو ڌڪ، عثمان خان اوچتو وطن واپس موٽي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پي ايس ايل جي نائين ايڊيشن ۾ ملتان سلطانز جي نمائندگي ڪندڙ بيٽر عثمان خان يو اَي ايِ روانو ٿي ويو .
ملتان سلطانز طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، عثمان ذاتي مصروفيتن جي بنياد تي يو اي اي روانو ٿي ويو آهي جنهن سبب هو پشاور زلمي خلاف شيڊيول ميچ ۾ ٽيم جو حصو نه هوندو.
پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته عثمان خان سڀاڻي رٿيل ميچ ۾ ملتان سلطانز کي دستياب نه هوندو، هو ڏهه مارچ تي پاڪستان واپس ورندو.
واضح رهي ته عثمان خان ڪراچي ڪنگز خلاف سينچري اسڪور ڪئي هئي، هن 59 بالن تي ڏهه چوڪن ۽ پنج ڇڪن جي مدد سان 106 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.