اننت امباڻي جي گهڙي ڏسي زڪربرگ ۽ سندس زال جو وات پَٽجي ويو!

فيس بُڪ جو باني مارڪ زڪربرگ ۽ سندس گهرواري ڀارتي بزنس مين مڪيش امباڻي جي پٽ اننت امباڻي جي گهڙي ڏسي حيران ٿي ويا.
ايشيا جي امير ترين بزنس ٽائيڪون مڪيش امباڻي جي پٽ جي شادي کان اڳ تقريبن جو سلسلو جاري آهي، جنهن جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن.
اننت امباڻي جي شادي سڄي دنيا جو ڌيان حاصل ڪيو آهي، ڇو ته ان ۾ مائڪرو سافٽ باني بل گيٽس ۽ فيس بُڪ باني مارڪ زڪربرگ سميت ڊزني جي سي اي او ۽ ٻين امير ترين بزنس ٽائيڪون شرڪت ڪئي آهي.
انهن تقريبن دوران هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهي آهي، جنهن ۾ مارڪ زڪربرگ ۽ سندس گهرواري پرسڪيلا چن اننت امباڻي سان گفتگو ۾ مصروف آهن.
وڊيو ۾ زڪربرگ ۽ سندس گهرواري اننت امباڻي جي مهانگي گهڙي ڏسي حيران ٿي رهيا آهن.
وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته مارڪ زڪربرگ جي گهرواري اڳ ۾ حيران ٿئي ٿي، پوءِ گهڙي کي هٿ لڳائي تعريف ڪري رهي آهي.
کيس اهو چوندي ٻڌي سگهجي ٿو ته توهان جي گهڙي لاجواب آهي، تمام پياري گهڙي آهي، گهرواري جي ڳالهه ڪاٽيندي زڪربرگ چئي ٿو ته ها بلڪل مان اڳ ئي ان گهڙي جي تعريف ڪري چڪو آهيان.
پرسڪيلا گهڙي جي برانڊ جو نالو ٿي پڇي، جنهن تي اننت جواب ڏنو ته اها گهڙي رچرڊ مل جي آهي.
مارڪ زڪربرگ چئي ٿو ته مان گهڙي خريدڻ جو شوقين ناهيان پر هيءَ گهڙي ڏسڻ کانپوءِ مان واقعي حيران آهيان ته گهڙيون ايتريون پياريون آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب خيال ڪيو پيو وڃي ته گهڙي جي قيمت تقريبن 10 لک ڊالر (تقريبن 27 ڪروڙ 8 لک 69 هزار پاڪستاني رپيا) آهي، گهڙي ۾ 8 هزار قيراط سون ۽ هيرا جڙيل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.