ڌونيءَ جو رانديگرن سان رويو ڪيئن هو؟ اڳوڻي ڪرڪيٽر سڀني کي دنگ ڪري ڇڏيو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ڀارتي ڪپتان مهيندر سنگهه ڌونيءَ پنهنجي ساٿي رانديگرن جي آڇ باوجود سيٽ تي ويهڻ مناسب نه سمجهيو ۽ فرش تي ويهي رهيو.
پنهنجي ڪپتاني واري دور ۾، ڌوني ڪيئي نوجوان باصلاحيت ڪرڪيٽرن کي اڳتي آندو ۽ کين عالمي سطح تي پنهنجي صلاحيتون ڏيکارڻ جو موقعو ڏنو.
ان ڏس ۾ اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر فيض فضل ليجنڊري وڪيٽ ڪيپر جي نهٺائي بابت انڪشاف ڪندي سڀني کي دنگ ڪري ڇڏيو آهي.
فيض ٻڌايو ته ڌونيءَ انتهائي ٻاجهاري طبعيت جو مالڪ آهي، هو اوهان کي اِهو محسوس نه ڪرائيندو ته هو ايم ايس ڌوني آهي، هڪ ڀيري اسان زمبابوي جي راڄڌاني هراري جي هوائي اڏي تي ويٽنگ رووم ۾ ويٺا هئاسين.
ان دوران ڌوني اندر آيو اسان سڀني کيس پنهنجي سيٽ ڏيڻ جي آڇ ڪئي پر هن انڪار ڪري ڇڏيو ۽ فرش تي ويهي رهيو.
واضح رهي ته فيض فضل 2016ع ۾ زمبابوي جي دوري تي ڌونيءَ جي قيادت ۾ عالمي ڪرڪيٽ ۾ ڊيبيو ڪيو هو، هن اعتراف ڪيو ته ڌوني هٿان ڊيبيو ڪيپ ملڻ زندگي جي يادگار گهڙي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.