ميرپور ماٿيلو: غفلت جي الزام ۾ 8 پوليس اهلڪارن جي نوڪري چٽ

ميرپورماٿيلو (ويب ڊيسڪ) ايس ايس پي گهوٽڪي ڏوهارين خلاف ڪارروائي نه ڪندڙ پوليس اسٽيشن گيمڙو ۽ ريتي جي 8 پوليس اهلڪارن جون نوڪريون ختم ڪري ڇڏيون .

ايس ايس پي انور کيتران هڪ آرڊر جاري ڪري گيمڙو ٿاڻي جي پوليس اهلڪارن اختر بٽ، غلام قادر شيخ، ذوالفقار چاچڙ ۽ انور گڏاڻي کي برطرف ڪري ڇڏيو.

نوٽيفڪيشن تحت ٿاڻي تي مقرر جان محمد چاچڙ، علي محمد سبزوئي، محمد حنيف رڏ ۽ اڪبر علي چاچڙ کي به نوڪرين تان برطرف ڪيو ويو.

ڄاڻايل پوليس اهلڪارن مٿان مقرر هنڌن تي ڊيوٽي نه ڪرڻ، لاپرواهي، ڏوهارين کي نه روڪڻ جا الزام هئا، کين وڏي سزا تحت برطرف ڪيو ويو.

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته28 فيبروري تي گيمڙو ٿاڻي جي حد مان 3 ماڻهن کي پوليس جي لاپرواهي سبب اغوا ڪيو ويو، ڄاڻايل پوليس اهلڪار ڊيوٽي نه ڪندا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.