نئين حڪومت ايندي ئي آءِ ايم ايف پاڪستان کان وڏو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آءِ ايم ايف ماهرن نئين چونڊيل حڪومت کي 1300 ارب رپين جا ٽيڪس لڳائڻ جي سفارش ڪري ڇڏي.
آءِ ايم ايف ماهرن پنهنجي رپورٽ پاڪستان حڪومت کي موڪلي ڇڏي، جنهن ۾ تجويز ڏني وئي آهي ته نئين حڪومت سيلز ٽيڪس جي ڇوٽ ختم ڪري.
آءِ ايم ايف ماهرن جي تجويز آهي ته کنڊ سميت کاڌي پيتي جي سڀني شين تي سيلز ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪئي وڃي، کاڌي پيتي جي شين ۽ دوائن تي سيلز ٽيڪس 18 سيڪڙو ڪيو و ڃي.
آءِ ايم ايف چيو آهي ته پيٽروليم شين جي سيلز ٽيڪس وڌائي 18 سيڪڙو ڪيو وڃي ۽ نئين حڪومت 1300 ارب رپين جا ٽيڪس لڳائي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.