ڪراچي: منشيات فروشي ۽ ڀتي خوري ۾ ملوث پوليس آفيسر گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پوليس اختيارين منشيات فروشي ۽ ڀتي خوري ۾ ملوث حاضر سروس پوليس آفيسر کي گرفتار ڪري ورتو.
ڪراچي سائيٽ سپر هاءِ وي پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي منشيات فروشي ۽ ڀتي خوري ۾ ملوث پوليس آفيسر کي گرفتار ڪيو.
پوليس اختيارين موجب جوابدار اي ايس آءِ عمران وٽان چرس برآمد ٿيو، هو گلشن معمار ۾ ڊيوٽي آفيسر آهي، سائيٽ سپر هاءِ وي پوليس 12 جنوري تي هڪ جوابدار پڪڙيو هو، جنهن جاچ دوران ٻڌايو ته پسٽل پوليس آفيسر کي ڏنو آهي.
اختيارين ٻڌايو ته گرفتار جوابدار وٽان ملندڙ موٽر سائيڪل اي ايس آءِ عمران جي نالي تي ئي هئي، جاچ کانپوءِ ايس ايڇ او گلشن معمار جوابدار کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو.
اختيارين موجب اي ايس آءِ عمران مومن آباد ۾ ڀتي خوري ۾ گرفتار ٿي چڪو آهي، جوابدار خلاف هڪ ٿاڻي ۾ منشيات جو ڪيس به داخل آهي، هاڻ جوابدار وٽان منشيات برآمد ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.