پاڪستاني عورت وچ اوڀر جي 100 طاقتور ترين عورتن جي فهرست ۾ شامل

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) فوربس جي وچ اوڀر جي 100 طاقتور ترين ڪاروباري عورتن ۾ يوني ليور پاڪستان جي اڳوڻي سي اي او شازيا سيد به شامل آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب پاڪستاني عورت شازيا سيد هن وقت اتر آفريقا، عراق ۽ سعودي عرب ۾ يوني ليور جي آپريشنز جي جنرل مئنيجر آهي ۽ ان کان اڳ 2023 ۾ وچ اوڀر ۾ اعليٰ ترين ايگزيڪيوٽوز مان هڪ هئي.
فوربس ٻيو ڀيرو شازيا سيد کي 100 طاقتور ترين ڪاروباري شخصيتن جي فهرست ۾ شامل ڪيو آهي، پاڪستان جي شهر ايبٽ آباد سان واسطو رکندڙ شازيا سيد يوني ليور پاڪستان ۾ مئنيجمينٽ ٽريني طور پنهنجو پيشيوراڻو سفر شروع ڪيو هو.
شازيا سيد تيزي سان ترقي ڪندي يوني ليور ڪمپني جي عالمي سطح تي مارڪيٽنگ، سيلز ۽ جنرل مئنيجمينٽ جي شعبن ۾ سربراهي ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.