”خدا اور محبت “ جي چوٿين سيزن ۾ مک ڪردار ڪير ادا ڪندو؟ اهم خبر اچي وئي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) بلاڪ بسٽر ڊراما سيريز ” خدا اور محبت “ جي چوٿين سيزن ۾ مک ڪردار بابت عمران عباس جو نئون انڪشاف سامهون آيو آهي.
عمران عباس ڊراما سيريل ” خدا اور محبت “ ۾ مک ڪردار ادا ڪري شهرت جي بلندين تائين پهتو ۽ ويجهڙ ۾ سندس نئين ڀارتي پنجابي فلم ” جي وي سوهنيا “ به رليز ٿي آهي.
اداڪار هڪ انٽرويوءَ دوران اداڪار کان خدا اور محبت جي چوٿين سيزن ۾ ڪم ڪرڻ بابت سوال ڪيو ويو، جنهن تي هن ٻڌايو ته ان ڳالهه جو فيصلو پروڊيوسر ڪندا آهن ته مک ڪردار ڪنهن کي ڪرڻو آهي.
هن انڪشاف ڪيو ته نئين سيزن لاءِ هارون ڪادواني ۽ فيروز خان جو نالو غور هيٺ آهي.
عمران عباس موجب، هارون ۽ فيروز ٻئي باصلاحيت ۽ محنتي اداڪار آهن ۽ ڊرامي ۾ ڪم ڪرڻ سان خوشي ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.