اهڙي فلم ۾ ڪم نه ڪنديس، جنهن ۾ عورت کي اعتراض جوڳو ڏيکاريو وڃي: درفشان سليم

ڊرامن جي مقبول اداڪارا درفشان سليم چيو آهي ته مان اهڙي ڪنهن فلم ۾ ڪم نٿي ڪري سگهان، جنهن ۾ عورتن کي اعتراض جوڳن ڪردارن ۾ ڏيکاريو وڃي يا فلمن ۾ ضرورت نه هجڻ باوجود آئٽم سانگ شامل ڪيا وڃن.
درفشان سليم تازو ڏنل هڪ انٽرويو ۾ اهو انڪشاف به ڪيو ته کيس ڊرامن کان اڳ فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ٿي هئي پر هن انڪار ڪري ڇڏيو.
اداڪارا چيو ته سندس پيءُ پروڊڪشن هائوس هلائيندو آهي، ان جو ميڊيا ۽ شوبز انڊسٽري سان گهرو واسطو آهي ۽ اداڪار ڪاشف محمود سندس والد جو بهترين دوست آهي، جنهن جي مدد سان هن پهريون ڀيرو آڊيشن ڏنو هو، آڊيشن ڏيڻ جي هڪ مهيني کانپوءِ کيس ڊرامي ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ٿي ۽ هن 2020 ۾ ”دلربا“ ڊرامي سان ڪيريئر شروع ڪيو.
هن دعويٰ ڪئي ته پهرئين ئي ڊرامي جون ڪجهه قسطون نشر ٿيڻ کانپوءِ کيس ڪيترن ئي ڊرامن ۾ مک ڪردار جي آڇ ٿي پر هن انڪار ڪري ڇڏيو، ڇو ته کيس لڳو ته اداڪار هڪ ئي وقت رڳو هڪ ڊرامي ۾ ڪم ڪرڻ جو پابند هوندو آهي.
درفشان اعتراف ڪيو ته کيس ڊراما انڊسٽري ۾ اچڻ لاءِ وڌيڪ محنت نه ڪرڻي پئي ۽ پهرئين ئي آڊيشن کانپوءِ کيس ڪم مليو، پوءِ هن آڊيشن ڏنا ته کيس مک ڪردارن جي آڇ ٿيڻ لڳي.
اداڪارا انڪشاف ڪيو ته کيس ڊرامن کان اڳ فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ٿي هئي ۽ هن هڪ فلم سائن به ڪري ورتي هئي پر پوءِ ڪم نه ڪيو، فلم رليز ٿيڻ کانپوءِ شڪر ادا ڪيو ته چڱو ٿيو ان ۾ ڪم نه ڪيو.
درفشان ڄاڻايل فلم جو نالو نه ٻڌايو، گڏوگڏ هن انڪشاف ڪيو ته هڪ ٻي فلم سائن ڪئي آهي پر اداڪارا ان جو به نالو نه ٻڌايو ۽ اهو به نه ٻڌايو ته ڪڏهن رليز ٿيندي.
سندس چوڻ هو ته مان اهڙين فلمن ۾ ڪم نه ڪنديس، جنهن ۾ عورتن کي اعتراض جوڳن ڪردارن ۾ ڏيکاريو وڃي، جڏهن ته فلمن ۾ آئٽم سانگ به نه هجڻ گهرجن، منهنجي خواهش آهي ته فلمن ۾ به پنهنجي سماج جي ڪهاڻين کي پيش ڪيو وڃي.
درفشان سليم واضح ڪيو ته هوءَ فلمن ۾ گانن ۽ ڊانس جي خلاف آهي، توڙي جو کيس ڊانس ايندي آهي پر هوءَ ڪنهن به صورت ۾ آئٽم سانگ جي حمايت نه ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.