نهال نسيم مٿي کان پيرن تائين منهنجو اسٽائيل ڪاپي ڪندي آهي: آئما بيگ

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني فنڪارا آئما بيگ دعويٰ ڪئي آهي ته اُڀرندڙ گلوڪارا نهال نسيم سندس اسٽائيل کي ڪاپي ڪري ٿي جيڪا سندس لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي.
آئما بيگ جي سوشل ميڊيا تي مختصر وڊيو ڪلپ وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ هوءَ ميزبان ۽ اداڪار احمد علي بٽ سان گفتگو ڪندي نظر اچي رهي آهي.
احمد علي بٽ کائنس سوال ڪيو ته سندس خيال ۾ اِها ڪهڙي گلوڪارا آهي، جنهن کي سندس نالي ۽ ڪم جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ شهرت ملي رهي آهي؟ جنهن تي سندس چوڻ هو ته اهڙي ڪا به گلوڪارا نه آهي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Galaxy Lollywood (@galaxylollywood)


هن ڄاڻايل معاملي تي تفصيلي روشني وجهندي چيو ته اهڙيون ڪيئي ڳائڻيون آهن جن کي سندن نالي ۽ ڪم جي ڀيٽ ۾ گهٽ شهرت يا موٽ ملي آهي، اهڙن فنڪارن ۾ نيها ۽ نرملا جا نالا پڻ شامل آهن.
پنهنجي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي آئما بيگ چيو ته کيس هڪ گلوڪارا بابت ڳالهائيندي خوشي محسوس ٿيندي آهي، خبر ناهي ته ان ڳائڻ جي شروعات ڪيئن ۽ ڪٿان ڪئي.
هن چيو ته نهال نسيم کي ڏسي خوشي ٿيندي آهي، ڇو ته هن مٿي کان پيرن تائين سندس اسٽائيل کي ڪاپي ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.