ايوانڪا ٽرمپ جو ديسي انداز سڀني کي وڻي ويو

اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پيءَ ايوانڪا ٽرمپ جو ديسي انداز سڀني کي وڻي ويو.
ايوانڪا ٽرمپ ايشيا جي سڀ کان امير شخص مڪيش امباڻي جي پٽ آننت امباڻي ۽ راڌيڪا مرچنٽ جي ”پري ويڊنگ ايونٽ“ ۾ پنهنجي مڙس جيرڊ ڪشنر ۽ ڌيءَ عربيلا روز ڪشنر سان گڏ شرڪت ڪئي.
هن انسٽاگرام تي پنهنجي مڙس ۽ ڌيءَ سان گڏ ورتل ڪجهه تصويرون شيئر ڪيون آهن، کيس انهن تصويرن ۾ مشهور ڀارتي ڊزائينر منيش ملهوترا جي ڊيزائن ڪيل ساڙي ۾ ڏسي سگهجي ٿو.
ايوانڪا اها تصوير شيئر ڪندي ڪيپٽن لکيو ته ”ڀارت ۾ پهرين رات ڏاڍي شاندار هئي“.
ٽرمپ جي ڌيءَ طرفان شيئر ڪيل ان پوسٽ تي لکين لائڪس اچي چڪا آهن ۽ سڀئي سندس ديسي انداز جون تعريفون ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.