پاڪستان ريلوي جي 8 مهينن ۾ رڪارڊ آمدني

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ريلوي رڳو 8 مهينن ۾ 50 ارب رپيا ڪمائي ورتا، جڏهن ته گذريل سال ريلوي جي آمدني 32 ارب رپيا هئي.
سي اي او ريلوي عامر بلوچ موجب پاڪستان ريلوي کي گذريل 8 مهينن ۾ 50 ارب رپين جي رڪارڊ آمدني ٿي آهي، اها آمدني رڳو پيسينجر ۽ فريٽ ٽرين ذريعي حاصل ڪئي وئي، جڏهن ته گذريل سال ريلوي جي آمدني 32 ارب رپيا هئي.
هن ٻڌايو ته مالي سال جي پڄاڻي تائين ريلويز کي 80 ارب تائين آمدني جو امڪان آهي، جنهن جو ڪريڊٽ ريلوي ورڪز کي وڃي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.