آءِ پي ايل: سن رائزرز حيدرآباد مارڪرم کي هٽائي ڪمنز کي ڪپتان بڻائي ڇڏيو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) آسٽريليا کي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ ۽ هڪ ڏينهن واري عالمي ڪپ ۾ فاتح بڻائيندڙ ڪپتان پيٽ ڪمنز کي انڊين پريميئر ليگ ( آءِ پي ايل ) جي فرنچائز سن رائزرز حيدرآباد ايڊن مارڪرم جي جاءِ تي نئون ڪپتان مقرر ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، پيٽ ڪمنز ان کان اڳ آءِ پي ايل جي ڪنهن به ٽيم جي قيادت ناهي ڪئي نه ئي کيس ٽاپ ليول جي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ ڪپتاني جو تجربو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، پيٽ ڪيمنز کي سن رائزرز حيدرآباد جو ڪپتان بڻائڻ جو فيصلو سندس عالمي ڪرڪيٽ جي ڪارڪردگي کي نظر ۾ رکي ڪيو ويو، سندس قيادت ۾ آسٽريلوي ٽيم ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ ۽ ون ڊي ورلڊ ڪپ جا ٽائٽل پنهنجي نالي ڪري چڪي آهي.
واضح رهي ته آءِ پي ايل ۾ سن رائزرز حيدرآباد پيٽ ڪمنز کي ساڍا 20 ڪروڙ ڀارتي رپين ۾ خريد ڪيو، جنهن کانپوءِ ڪمنز آءِ پي ايل جي تاريخ جو مهانگو ترين رانديگر بڻيو.
پر ڪمنز جو رڪارڊ ڪجهه منٽن ۾ ئي ٽٽي ويو ۽ شاهه رخ خان جي فرنچائز ڪلڪتا نائيٽ رائيڊرز مچل اسٽارڪ کي رڪارڊ 24 ڪروڙ 75 لک ڀارتي رپين ۾ خريد ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.