ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڏيئي ويجهو ڳوٺ ڪانڊيرو ريٻاري ۾ باهه لڳڻ سبب ڪيترائي گهر سڙي ويا.
باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ ڌنو ريٻاري، ميگھو ريٻاري، ڏاڙھون ريٻاري، گلزار ريٻاري، سانوڻ ريٻاري، سميت ستن گهرن کي باهه وڪوڙي ورتو.
گهرن ۾ پيل زيور، اناج، کٽون بسترا، الماريون، ڪپڙا ۽ ٻيو قيمتي سامان سڙي رک ٿي ويو.
ٻئي پاسي ٽائون ڪميٽي ٽنڊوباگو جي فائيربرگيڊ گاڏي ٽن سالن کان خراب هجڻ سبب ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻت تحت باهه تي ضابطو آندو.