مقررين، بدلين، ترقياتي منصوبن ۽ ڀرتين تان پابندي ختم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ٽرانسفر، پوسٽنگ، ترقياتي منصوبن ۽ ڀرتين تي لاڳو پابندي کڻي ڇڏي.
اليڪشن ڪميشن موجب نگران حڪومتن جو مدو مڪمل ٿيڻ تي پابندي کنئي پئي وڃي.
اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته چونڊيل حڪومتون پنهنجا معمول جا معاملا انجام ڏئي سگهن ٿيون.
واضح رهي ته چونڊن سبب اليڪشن ڪميشن ٽرانسفر، پوسٽنگ، ترقياتي منصوبن ۽ ڀرتين تي پابندي لاڳو ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.