پاڪستان لاءِ کيڏڻ ۽ ويرات ڪوهليءَ کي آئوٽ ڪرڻ چاهيان ٿو: سلمان ارشاد

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سپر ليگ جي نائين ايڊيشن ۾ پشاور زلميءَ جي نمائندگي ڪندڙ بالر سلمان ارشاد چيو آهي ته پاڪستان جي نمائندگي ڪندي ويرات ڪوهلي کي آئوٽ ڪرڻ چاهيان ٿو.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي سلمان ارشاد چيو ته پي ايس ايل، سي پي ايل ۽ ٽي ٽين ۾ دنيا جي هر ٽاپ آرڊر بيٽر کي آئوٽ ڪيو آهي، نيٽ تي ويرات ڪوهلي خلاف بالنگ ڪري چڪو آهيان پر ميچ جي خواهش آهي.
هن چيو ته خواهش آهي ته پاڪستان جي نمائندگي ڪندي ويرات ڪوهلي کي آئوٽ ڪيان، پي ايس ايل ۾ بابر ۽ رضوان، سي پي ايل ۾ پولارڊ ۽ رسل کي آئوٽ ڪري چڪو آهيان، جهڙي بيٽنگ ڪنڊيشنز پي ايس ايل ۾ آهن ان ان ۾ پنهنجي ڪارڪردگي مان مطمئن آهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.