آسٽريليا کي پاڪستان بدران ڀارت خلاف سيريز جي ڳڻتي!

آسٽريليا کي پاڪستان بدران ڀارت خلاف سيريز جي ڳڻتي ورائي ورتو، پاڪستان کي هلندڙ سال وائيٽ بال سيريز لاءِ آسٽريليا جو دورو ڪرڻو آهي.
وائيٽ بال سيريز ۾ 3 ون ڊي ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچون شامل آهن جڏهن ته ڀارتي ٽيم کي ٽيسٽ سيريز لاءِ آسٽريليا جو دورو ڪرڻو آهي.
آسٽريلوي ميڊيا موجب، آسٽريليا، ڀارت کي ٽيسٽ سيريز ۾ هارائڻ جي رٿابندي شروع ڪري ڇڏي آهي، آسٽريليا ڀارت کي پنهنجي سرزمين تي شڪست ڏيڻ جو خواهشند آهي.
آسٽريليا ميڊيا جو چوڻ آهي ته پاڪستان خلاف وائيٽ بال سيريز آسٽريليا لاءِ پهرين ترجيح نه هوندي، آسٽريلوي سليڪٽرز ڪيمرون گرين کي ٽيسٽ سيريز لاءِ تيار ڪندا، انڪري هو پاڪستان خلاف رٿيل سيريز بدران ڊوميسٽڪ شيفلڊ شيلڊ جي ميچن ۾ حصو وٺندو.
آسٽريليا جي ڪوچ اينڊريو ميڪڊانلڊ جو چوڻ آهي ته اسان لاءِ هن وقت ڳڻتي جي ڳالهه ڀارت خلاف ٽيسٽ سيريز آهي، پاڪستان خلاف ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز آهي، چاهينداسين ته اسان جي ٽيم ڊگهي فارميٽ واري ڪرڪيٽ جي تياري ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.