ڪراچي وارا هوشيار! ٿڌ اڃا وڌندي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ٿڌي موسم برقرار آهي ۽ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران پارو وڌيڪ ڪرڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب اڄ ڪراچي ۾ پارو 11.1 ڊگري هو، شهر ۾ گهٽ کان گهٽ پارو 10 کان 12 ڊگري سينٽي گريڊ ۽ وڌ کان وڌ 22 کان 24 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته جمعي کان پارو 30 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته شهر ۾ اتر اولهه پاسي کان گهلندڙ هوائن جي رفتار 3 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ آهي.
موسميات کاتي موجب اولهه هوائن جو هڪ ٻيو سلسلو 5 مارچ تي بلوچستان تي اثرانداز ٿي سگهي ٿو، بلوچستان تي اثرانداز ٿيندڙ سسٽم جي اثر هيٺ سنڌ ۾ برسات جو امڪان ناهي، 11 مارچ تي اولهه هوائن جو سسٽم ملڪ تي به اثرانداز ٿيڻ جو امڪان آهي، مارچ جي سسٽم تحت ڪراچي ۾ برسات جي اڳڪٿي وقت کان اڳ هوندي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ ٿڌ جي لهر ۾ 6 مارچ کان گهٽتائي اچڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.