پاڪستاني باڪسر ساٿي عورت باڪسر جي ٿيلهي مان هزارين رپيا کڻي فرار

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) پاڪستاني باڪسر اٽلي ۾ ساٿي عورت باڪسر جي بيگ مان رقم چوري ڪري ورتا.
پاڪستان جي باڪسنگ ٽيم اڄڪلهه اٽلي ۾ آهي جتي پئرس اولمپڪس جا ڪواليفائنگ رائونڊ جاري آهن، پاڪستاني ٽيم ۾ ٽي مرد ۽ ٻه عورت باڪسر شامل آهن.
پاڪستان باڪسنگ فيڊريشن جي سيڪريٽري ڪرنل ناصر بيگ ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي باڪسر زوهيب رشيد طرفان ساٿي عورت باڪسر جي بيگ مان پائونڊ چوري ڪرڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته عورت باڪسر ٽريننگ لاءِ ٻاهر ويل هئي جنهن دوران زوهيب رشيد هوٽل جي ريسيپشن مان ڪمري جي ڄاٻي کنئي ۽ بيگ مان پائونڊ ڪڍي فرار ٿي ويو.
ڪرنل رٽائرڊ ناصر بيگ موجب، زوهيب رشيد پنهنجي پهرين فائٽ لاءِ نه آيو ۽ 51 ڪلو گرام ڪيٽيگري ۾ مخالف باڪسر کي واڪ اوور ڏنو ويو.
سندس چوڻ هوته پاڪستاني باڪسر ڪلهه کان لاپتا آهي، سندس گمشدگي جي رپورٽ مقامي ٿاڻي تي داخل ڪرائي وئي آهي.
هن ٻڌايو ته عورت باڪسر جي بيگ ۾ اڍائي سئو پائونڊ ( اٽڪل اٺاسي هزار پاڪستاني رُپيا ) موجود هئا.
واضح رهي ته زوهيب رشيد 2022ع ۾ ايشيئن چيمپيئن شپ ۾ پتل جو ميڊل کٽيو هو، هو جونيئر سطح تي به ڪيئي اعزاز ماڻي چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.