محمد رضوان مرحوم عالمگير ترين جي تصوير ڇو شيئر ڪئي؟

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ملتان سلطانز پاڪستان سپر ليگ جي نائين سيزن ۾ پلي آف لاءِ ڪواليفاءِ ڪندڙ پهرين ٽيم بڻجي وئي جنهن کانپوءِ ڪپتان محمد رضوان مرحوم عالمگير جي نالي سوشل ميڊيا تي پيغام جاري ڪيو.
عالمگير ترين مشهور بزنس مين ۽ ملتان سلطانز جو مالڪ ۽ مئنيجنگ ڊائريڪٽر هو جنهن گذريل سال جولاءِ ۾ پاڻ کي گولي هڻي زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيو هو.
سومر ڏهاڙي محمد رضوان عالمگير ترين جي تصوير شيئر ڪئي ۽ لکيو ته ” ٽيم جي پلي آف ۾ پهچڻ جي موقعي تي مون کي عالمگير جي ياد اچي وئي“.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Muhammad Rizwan (@mrizwanpak)


رضوان پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته ” ڊگ آئوٽ ۾ سندن مهرباني ۽ موجودگي اسان سڀني رانديگرن لاءِ اتساهه هوندي هئي، اچو ته سندس لاءِ دعا گهرون ۽ پنهنجي ڀرپاسي موجود اهڙن ماڻهن جو قدر ڪيون ۽ خيال رکون، ڪهڙي خبر ڪير پنهنجي اندر ۾ ڪهڙي ويڙهه وڙهي رهي آهي“.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.