گوگل تي غلطي سان بند ٿي ويل ويب سائيٽ ٻيهر کولڻ جا طريقا

گوگل ڪروم دنيا جو سڀ کان مشهور ويب برائوزر آهي ۽ روز لکين ماڻهو ان کي استعمال ڪندا آهن.
گوگل ڪروم ۾، گھڻا واهپيدار هڪ ئي وقت هڪ کان وڌيڪ ٽيب کوليندا آهن ۽ گهڻو ڪري گهربل ويب سائيٽ ڳولڻ ۾ ڏکيائين کي منهن ڏيندا آهن.
پر ڪيترائي ڀيرا ماڻهو غلطي سان ٽيب کي بند ڪري ڇڏيندا آهن جيڪي انهن تي ڪم ڪرڻ يا پڙهڻ لاء هوندا آهن، جنهن جي ڪري کين تمام گهڻو مونجهارو ٿيندو آهي.
خوشقسمتيءَ سان، جيڪڏهن توهان غلطي کان ڪو ٽيب بند ٿي وڃي ٿو ته ان کي ٻيهر کولڻ سولو آهي.
جي ها، ائين ڪرڻ سان واقعي گھڻي ڪوشش ڪرڻ جي ضرورت ناهي، پر بند ٿي ويل ٽيب کولڻ جو طريقو تمام سادو آهي.
ان لاءِ گوگل ڪروم ۾ ئي ڪجهه فيچرز رکيا ويا آهن جن جي مدد سان بند ٿيل ٽيب کي ڪجهه سيڪنڊن ۾ ٻيهر کولي سگهجي ٿو.
شارٽ ڪٽ Ctrl + Shift + T
اها شارٽ ڪٽ ڪِي ڪروم ۾ حادثاتي طور تي بند ٿيل ٽيب کي ٻيهر کولڻ جو سولو ۽ تيز ترين طريقو آهي.
جيڪڏهن ڪا سائيٽ غلطي سان بند ٿي وئي آهي ته فوري طور تي Ctrl + Shift + T ڪلڪ ڪريو.
ائين ڪرڻ سان گوگل ڪروم جو آخري بند ٿيل ٽيب ٻيهر کُلي ويندو.
جيڪڏھن توھان T کي لاڳيتو دٻائيندا رهندئو ته هڪ ٻئي پٺيان بند ڪيل سمورا ٽيبز کُلندا ويندا.
واضح رهي ته هي شارٽ ڪٽ گوگل ڪروم جي انڪوگنٽو موڊ تي ڪم نٿو ڪري.
ايڊريس بار تي رائيٽ ڪلڪ ڪريو
جيڪڏهن توهان ڪيبورڊ کي ڇهڻ کان سواءِ بند ٿيل ويب سائيٽ کي ٻيهر کولڻ چاهيو ٿا، اهو پڻ مائوس سان ڪري سگهجي ٿو.
ان لاءِ مائوس ڪرسر کي برائوز جي مٿان موجود خالي جاءِ تي رکي رائيٽ ڪلڪ ڪريو ۽ اتي ري اوپن ڪلوزڊ ٽيب جي آپشن جي چونڊ ڪريو.
ائين ڪرڻ سان اوهان جو آخر ۾ بند ٿيل ٽيب ٻيهر کُلي ويندو.
برائوزنگ هسٽري چيڪ ڪريو
جيڪڏهن اوهان ڪنهن اهڙي مخصوص ٽيب کي کولڻ چاهيو ٿا جنهن کي ڪجه دير اڳ بند ڪيو هجي ته ان لاءِ برائوزر هسٽري ۾ وڃو.
ڪي بورڊ تي Ctrl+H شارٽ ڪٽ سان اوهان ڪروم برائوزر هسٽري کولي سگھو ٿا.
برائوزنگ هسٽري ڊيٽ يا گروپ جي شڪل ۾ ورهائي ويندي آهي.
جيڪڏهن اوهان باءِ ڊيٽ ذريعي هسٽري ڏسندا آهيو ته اتي نظر ايندڙ ويب لنڪس وقت موجب نظر اينديون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.