ٽڪ ٽاڪ ۾ آٽو اسڪرولنگ فيچر استعمال ڪرڻ جا طريقا

جيڪڏهن اوهان روز ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين ٽڪ ٽاڪ وڊيوز ڏسندي گذاريندا آهوي ته يقينن آڱرين سان اسڪرين کي هر هر اسڪرول ڪرڻو پوندو آهي.
پر ايپ ۾ آٽو اسڪرولنگ فيچر ذريعي اوهان اسڪرين کي ڇُهڻ کانسواءِ به وڊيوز ڏسي سگھو ٿا.
آٽو اسڪرول فيچر کي استعمال ڪرڻ لاءِ ٽڪ ٽاڪ جي فاريو پيج ۾ ڪنهن وڊيو تي آڱر دٻائي رکو، يعني ائين ئي جيئن اوهان ڪنهن وڊيو کي ري پوسٽ ڪرڻ وقت ڪندا آهيو.
ان کان پوءِ هيٺ آٽو اسڪرول بٽڻ تي ڪِلڪ ڪري ڇڏيو (جيڪڏهن اهو فيچر اوهان وٽ دستياب هجي ته).
ائين ڪرڻ کان پوءِ ٽڪ ٽاڪ جي فاريو فيڊ ۾ وڃي هڪ وڊيو ختم ٿيندي ته ٻي پاڻمرادو اسڪرين تي اچي ويندي.
پر جيڪڏهن آٽو اسڪرولنگ دوران ڪا فوٽو پوسٽ سامهون اچي وئي ته اسڪرولنگ بيهجي ويندي.
ان فيچر جي آزمائش ڪيترن ئي مهينن کان ڪئي پئي وئي ۽ اڃا به اها محدود واهپيدارن کي دستياب آهي.
ڪمپني موجب آٽو اسڪرولنگ اُهو فيچر آهي جنهن جو مطالبو واهپيدارن پاران گھڻو ڪيو ويندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.