ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جيڪڏهن اوهان آءِ فون وٺڻ جو شوق رکو ٿا ته اوهان کي اهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته آءِ فون کي ان لاڪ ڪرڻ جا مختلف طريقا ڪهڙا آهن.
هڪ ويب سائيٽ ان سلسلي ۾ ٻڌايو آهي ته آءِ فون جا شوقين ڪهڙن ٻن طريقن سان ان کي ان لاڪ ڪري سگهن ٿا.
آءِ فون کي جي وي ۽ فيڪٽري ان لاڪڊ ٻن طريقن سان ان لاڪ ڪيو ويندو آهي.
جي وي آءِ فون ڪهڙا هوندا آهن؟
جي وي آءِ فون کي هڪ مخصوص نيٽ ورڪ پرووائيڊر ذريعي ڪنهن ٽئين سافٽ ويئر سان ان لاڪ ڪيو ويندو آهي.
هن طريقي سان آءِ فون طرفان فون سيٽ ان لاڪ ڪرڻ جي اجازت ناهي ڏني ويندي ۽ جنهن سافٽ ويئر سان آءِ فون کيان لاڪ ڪيو ويندو آهي ان سان فون ۾ مسئلو پيدا ٿي سگهي ٿو يا وري آءِ فون خراب ٿي سگهي ٿو. ان کانسواءِ جي وي سم سان ان لاڪ ٿيندڙ آءِ فونز ايپل جي سافٽ ويئر اپ ڊيٽس حاصل نٿا ڪري سگهن ۽ فون ۾ ڪيترائي فيچرز به جي وي ان لاڪنگ بعد غير فعال ٿي ويندا آهن. جيڪڏهن اوهان آءِ فون خريد ڪندي وقت اهو ڄاڻڻ چاهيو ٿا ته اوهان جو فون جي وي ان لاڪ آهي يا نه ته ان کي ڄاڻن لاءِ ڪجهه طريقيڪار آهن جيئن ته جي وي آءِ فون ڪنهن هڪ نيٽ ورڪ پرووائيڊر جي سم ناهي هلائيندو يا وري ان سان م وبائيل انٽرنيٽ ڊيٽا هلائڻ ۾ ڏکيائي پيش ايندي آهي.
فيڪٽري ان لاڪڊ آءِ فون ڪنهن کي چوندا آهن.
جي وي ان لاڪڊ آءِ فونز جي ڀيٽ ۾ فيڪٽري ان لاڪڊ آءِ فونز ۾ اهي آءِ فونز هوندا آهن جيڪي آفيشل طور تي فون مينو فيچرز يا وري سروس پرووائيڊر طرفان ان لاڪ ڪيا ويندا اهن جڏهن اوهان فيڪٽري ان لاڪڊ آءِ فون خريد ڪندا آهيو ته اوهان ان تي ڪنهن به سروس پرووائيڊر جي سم هلائي سگهو ٿا.
هن ان لاڪنگ جي مڪمل اجازت ڏني ويندي آهي ۽ هن ۾ ڪو به خطرو ناهي هوندو. فيڪٽري ان لاڪڊ فونز جو سڀ کان وڏو فائدو اهو هوندو آهي ته ان تي سافٽ ويئر اپ ڊيٽس اينديون رهنديون آهن ۽ واهپيدارن کي آءِ فون جي سڀني فيچرز تائين رسائي حاصل هوندي آهي ۽ اهي فيچرز واهپيدارن لاءِ فعال رهندا آهن.