”نالي اڳيان ڀٽو لکڻ سان ڪير ڀٽو ناهي بڻجي ويندو“ بئريسٽر گوهر جي بلاول تي ڇتي تنقيد

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته سائفر هڪ حقيقت آهي ۽ جنهن حڪومت ختم ڪئي ان جو ٽرائل ٿيڻ گهرجي.
قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران خيالن جو اظهار بئريسٽر گوهر پ پ چيئرمين کي تنقيد جو نشانو بڻايو.
هن چيو ته هن ناني جي سياست دفن ڪري ڇڏي آهي، پنهنجي نالي سان گڏ ڀٽو لکڻ سان ڪير ڀٽو ناهي بڻجي ويندو، اِهي هار ڪيڏانهن ويا جيڪي سوئس ۾ پيا هئا؟
بئريسٽر گوهر وڌيڪ چيو ته هن ( بلاول ) کي جهموريت ۽ حقن تي ايترو کي تڪبر آهي ته اسان جون عورتون جيل ويون ته ڇا هن لفظي مذمت ڪئي؟ اسان کي درس ڏيندڙ پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائين، هي پنهنجي مفادن لاءِ گڏ ٿيندا آهن، کين جهموريت راس ناهي ايندي، هي سڀ پاور شيئرنگ تي يقين رکن ٿا.
پي ٽي آءِ چيئرمين صدارتي چونڊن بابت چيو ته ڪو ٻيو ماڻهو ناهي ڇا جو هي صدارت زرداري کي ڏئي رهيا آهن، پي ٽي آءِ باني جو ڪو ڀاءُ يا ڀائيٽيو هتي ناهي ويٺو، اسان سئو ڄڻا انهن ٻن سون تي ڳرا ثابت ٿينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.