اسلام آباد (ويب ڊيسڪ )نئين چونڊيل وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي عهدي جو قسم کڻي ورتو آهي.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي، شهباز شريف کي وزيرِاعظم پاڪستان جي عهدي جو قسم کڻايو.
ايوان صدر ۾ تقريب جي شروعات ڪلام پاڪ جي تلاوت سان ٿي، تقريب ۾ نگران وزيرِاعظم انوار الحق ڪاڪڙ، اڳوڻو وزيرِاعظم نواز شريف، اڳوڻو صدر آصف علي زرداري، آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ ٻيا شريڪ ٿيا.
ان کانسواءِ تقريب ۾ تقريب ۾ پرڏيهي سفيرن، سينيئر سرڪاري اختيارين ۽ سياسي جماعتن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي.
وزيرِاعظم شهباز شريف جي حلف برداري کانپوءِ وزيراعظم هائوس ۾ هٿياربند فوج طرفان کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو.
ان کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف سان وزيراعظم آفيس جي عملي جو تعارف ڪرايو ويو، ان دوران وزيراعظم عملي سان ڳالهه ٻول پڻ ڪئي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ٿيل ووٽنگ دوران شهباز شريف 201 ووٽ حاصل ڪري وزيرِاعظم چونڊيو ويو، جڏهن ته سني اتحاد ڪائونسل جي عمر ايوب خان 92 ووٽ حاصل ڪيا هئا.
You might also like