اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي خلاف صدارتي ريفرنس تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي نوَ رڪني لارجر بئنچ صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي ڪئي.
جسٽس سردار طارق مسعود، جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس يحييٰ آفريدي، جسٽس امين الدين، جسٽس جمال مندوخيل، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس حسن رضوي ۽ جسٽس مسرت هلالي نوَ رڪني لارجر بئنچ جو حصو آهن.
ٻڌڻي دوران صنم ڀٽو، آصفا ڀٽو ۽ بختاور ڀٽو طرفان رضا رباني دليل ڏنا جڏهن ته ايڊيشنل اٽارني جنرل ۽ ٻين وڪيلن به عدالت آڏو دليل ڏنا.
سپريم ڪورٽ ٻنهي ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو.