ايم ڪيو ايم کي وفاقي ڪابينا ۾ ڪهڙيون ۽ ڪيتريون وزارتون ملنديون؟

ڪراچي(ويب ڊيسڪ ) ايم ڪيو ايم پاڪستان کي وفاقي ڪابينا جي پهرين مرحلي ۾ ٻه وزارتون ڏيڻ جو معاملو طئي ٿي ويو .
ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪمران جماعت ن ليگ، ايم ڪيو ايم جي خواهش تي ان کي پورٽ اينڊ شپنگ ۽ آءِ ٽي جي وزارت ڏيڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي جڏهن ته ايم ڪيو ايم پاڪستان رابطا ڪميٽي جي صلاح مشوري کانپوءِ ٻنهي وزيرن جا نالا ڏيندي.
ذريعن موجب، ايم ڪيو ايم طرفان سينيئر اڳواڻ سيد مصطفيٰ ڪمال، سيد امين الحق ۽ جاويد حنيف مان ٻه نالا فائنل ڪيا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.