هلندڙ سال جي پهرين مڪمل سج گرهڻ ڪڏهن ٿيندي؟

سال 2024ع جي پهرئين سج گرهڻ اٺ اپريل تي ٿيندي، سج گرهڻ نظارو اتر آمريڪا جي مختلف ملڪن جهڙوڪ ميڪسيڪو، آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ ڏسي سگهبو.
آگسٽ 2017ع کانپوءِ پهريون ڀيرو آمريڪا ۾مڪمل سج گرهڻ ٿيندي ۽ ان کان پوءِ اهڙو نظارو ڏسڻ لاءِ آگسٽ 2044ع تائين انتظار ڪرڻو پوندو.
دنيا ۾ آخري ڀيرو مڪمل سج گرهڻ ڊسمبر 2021ع ۾ ٿي هئي، جنهن جو مشاهدو رڳو انٽاڪٽيڪا ۾ ڪيو ويو هو.
سج گرهڻ جي شروعات ميڪسيڪو کان ٿيندي، ڪئناڊا جي اولهندي صوبن ۾ پڄاڻي تي پهچندي.
هڪ اندازي موجب، رڳو آمريڪا ۾ ئي 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهو سج گرهڻ جو نظارو ڏسي سگهندا.
مڪمل سج گرهڻ دوران چنڊ جو پاڇو مڪمل طور سج کي لڪائي ڇڏيندو آهي ۽ ان دوران ڏينهن جي روشني ۾ به اونداهه ڇائنجي ويندي آهي.
آمريڪي خلائي اداري ناسا موجب، اٺ اپريل تي ٿيندڙ مڪمل سج گرهڻ جو دورانيو ساڍا 3 ڪلاڪ چار منٽ هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.