ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪار عديل هاشمي ننڍي عمر ۾ جنسي استحصال جو نشانو بڻائڻ جو انڪشاف ڪيو آهي.
اداڪار عديل هاشمي ويجهڙ ۾ هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي جنهن دوران ميزبان کائنس سوال ڪيو ته اوهان کي پنهنجي ننڍپڻ جو ڪو اهڙو واقعو ياد آهي ته جنهن بابت اوهان سمجهيو ٿا ته اِها زيادتي هئي؟
جنهن جي جواب عديل هاشمي چيو ته ماضي ۾ ايترا دل ڌوڌيندڙ واقعا آهن جو ڇا ٻڌايان، ڪيئي سمنڊ پار ڪري هتي پهتو آهيان.
عديل هاشمي موجب، اسي جي ڏهاڪي جي ڳالهه آهي جڏهن اسڪول جي ڏينهن ۾ مون کي جنسي استحصال جو نشانو بڻايو ويو، هي اِهو وقت هو جڏهن ماڻهو کي جنسي استحصال بابت پتو ئي نه هو.
هن ٻڌايو ته سندس ڪلاس ۾ اٺ کان ڏهه ڇوڪرا هئا جيڪي ڪيئي ورهين کان فيل ٿي رهيا هئا، اِهي کيس تنگ ڪندا هئا.
سندس چوڻ هو ته ان واقعي بابت پنهنجي ڀاءُ ۽ پيءُ سان به ذڪر نه ڪيو ڇو ته ڊپ هوته جيڪڏهن استادن کي ٻڌايو ته اڃا وڌيڪ تنگ ڪندا.
اداڪار ٻڌايو ته ائين رڳو هڪ ڀيرو نه پر اِهو سلسلو ورهين تائين هلندو رهيو، هاڻي به مون کي جيڪڏهن ڪو ننڍپڻ بابت سوال ڪندو آهي ته مان ڪن بند ڪري سوچيندو آهيان ته سٺو ٿيو الله جو شڪر آهي منهنجو ننڍپڻ ختم ٿي ويو، مان پنهنجي ننڍپڻ ۾ واپس نٿو وڃڻ چاهيان.