اليڪشن ڪميشن سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن جي درخواست رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن جي درخواست رد ڪري ڇڏي.
اليڪشن ڪميشن سني اتحاد ڪائونسل جي درخواستن تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن 1-4 جي شرح سان فيصلو جاري ڪيو، پنجاب جي ميمبر بابر حسن ڀروانا اختلافي نوٽ لکيو.
اليڪشن ڪميشن سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن جي درخواست رد ڪندي قرار ڏنو ته سني اتحاد ڪائونسل عورتن ۽ اقليتن جي مخصوص سيٽن جي ڪوٽا جي حقدار ناهي.
واضح رهي ته تحريڪ انصاف جي حمايت يافتا آزاد اسيمبلي ميمبرن چونڊن ۾ ڪاميابي کانپوءِ سني اتحاد ڪائونسل ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي.
ان بنياد تي سني اتحاد ڪائونسل اليڪشن ڪميشن ۾ مخصوص سيٽن لاءِ درخواست داخل ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.